پيٽرول اگهن بابت اوگرا جي سفارش تي اسحاق ڊار جي وضاحت

0
353
پيٽروليم شين ۾ گهٽتائي جو اعلان
پيٽروليم شين ۾ گهٽتائي جو اعلان

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پيٽروليم شين بابت اوگرا جي سفارشن جي معاملي تي وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي

اسحاق ڊار سوشل ميڊيا تي وضاحتي بيان جاري ڪيو، ٽوئيٽ ۾ اسحاق ڊار لکيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته اوگرا پهرين مئي کان پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي سفارش ڪئي هئي، اهڙيون خبرون غلط آهن

اسحاق ڊار چيو ته آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽرول سستو ڪرڻ جي ڪا به تجويز ناهي ڏني، اوگرا طرفان پيٽرول سستو ڪرڻ جي تجويز جون خبرون بي بنياد آهن

واضح رهي ته حڪومت روس کان تيل خريد ڪرڻ کانپوءِ اِهو اشارو ڏنو هو ته تيل جا اگهه گهٽايا ويندا، پر هاڻ اسحاق ڊار اگهن ۾ لاٿ جي حوالي سان خبرن جي ترديد ڪري رهيو آهي

هن کي به پڙهندا

اسيمبلين کي مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي، 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي: راڻا ثناءُ الله

سياسي ماڻهو انصاف نه پرمن پسند فيصلا چاهين ٿا:چيف جسٽس