اسيمبلين کي مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي، 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي: راڻا ثناءُ الله

0
200

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪري ڇڏيو آهي ته 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي، اسيمبلين کي پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي، شرطن سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن

راڻا ثناءُ الله چيو ته خدشن باوجود نواز شريف ڳالهين جي اجازت ڏني، ڳالهين ۾ ن ليگ جي تجويز هئي ته آءِ ايم ايف معاهدي کي حتمي شڪل ڏني وڃي ۽ حڪومت کي بجيٽ پيش ڪرڻ ڏني وڃي

راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن اهي ٻئي ڳالهيون مڃيون وڃن ته پوءِ هڪ هفتو اڳ اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر جو چوڻ آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ جو آخري موقعو ضايع ڪيو ويو ته ملڪ جو نقصان ٿيندو، حڪومتي پارٽين کي به نقصان پهچندو

اسد عمر حڪومت کي صلاح ڏني ته حڪومت ڳالهين جي ميز تي اچي ۽ اسان جا شرط تسليم ڪندي اِهو لکي ڏئي ته اُهي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهن

واضح رهي ته اليڪشن جي تاريخ تي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ٽيون دور اڄ رات 9 وڳي ٿيندو

هي به پڙهندا

سياسي ماڻهو انصاف نه پرمن پسند فيصلا چاهين ٿا:چيف جسٽس