لاس اينجلس(انٽريسٽنگ نيوز) هالي ووڊ جي فلم بار بي لاءِ ايترو گلابي رنگ استعمال ڪيو ويو جو ان جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ گلابي رنگ جي کوٽ پيدا ٿي پئي. باربي تي هڪ فلم ٺاهي وئي آهي. فلم ڊائريڪٽر گريٽا گروگ ۽ ڊزائنر سارا گرين ووڊ فلم لاءِ باربي لينڊ ٺاهڻ بابت ڳالهيون ڪيون. اها باربي لينڊ باربي جي مشهور ڊريم هائوس کي نظر ۾ رکي ٺاهيي وئي جنهن ۾ هر جاءِ تي گلابي رنگ استعمال ڪيو ويو. سارا ٻڌايو ته باربي فلم جي ڪري سڄي دنيا ۾ گلابي رنگ جي کوٽ پيدا ٿي،. هڪ پينٽ ڪمپني جي نائب صدر به تصديق ڪئي ته فلم لاءِ ڪمپني وٽ موجود سمورو گلابي رنگ استعمال ڪيو ويو پر عالمي کوٽ جو هڪ سبب فلم جي شوٽنگ هئي ته ٻيو سبب ڪووڊ جي ڪري سپلاءِ چين متاثر ٿيڻ به هو. فلم جي شوٽنگ 2021ع ۾ ٿي هئي. فلم ۾ مارگوٽ روبي باربي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اداڪار ريان گوسلين ڪين ڊول جي روپ ۾ نظر ايندو، فلم 21 جولاءِ تي رليز ڪئي ويندي.