لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) سائنسدانن هڪ عورت جو تفصيلي طبي معائنو ڪيو آهي جيڪا هر قسم جي سور کي محسوس ناهي ڪندي. سندس زخم به تيزي سان ڀرجي ويندا آهن پر هوءَ ڊپريشن ۽ خوف کان به اڻ ڄاڻ آهي. ماهرن موجب ان جا جينياتي سبب آهن انهن کي ڄاڻي اسان سور يا ڊپريشن گهٽائڻ جي دوا به ٺاهي سگهون ٿا. جو ڪيمرون نالي عورت کي محسوس ٿيو ته هن ۾ سور جي ڪيفيت ختم ٿي وئي آهي ۽ زخم تيزي سان ٺيڪ ٿيڻ لڳا آهن کيس خوف ۽ ذهني پريشاني به نه ٿيندي آهي. کيس 60 واري ڏهاڪي ۾ آپريشن بعد ڪا به تڪليف محسوس نه ٿي. ايستائين جو هڪ ڀيرو سڙي وئي ته به کيس ان جو احساس نه ٿيو ۽ نه ئي گوشت سڙڻ جي بوءِ آيس. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي سائنسدانن سندس معائنو ڪيو ۽ ان حالت جو ذميوار ٻن جينز کي قرار ڏنو.