ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اڪشي کنا انڪشاف ڪيو آهي ته بالي ووڊ سپرهٽ فلم “تاري زمين پر” جو ڊائريڪٽر امول گپتي عامر خان جي جاءِ تي مونکي ڪاسٽ ڪرڻ پيو چاهي. تازو ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڪشي کنا چيو ته ڊائريڪٽر امول گپتي مونکي فلم جي آڇ ڪرڻ پيو چاهي پر هو مونکي نه سڃاڻيندو هو ان لاءِ عامر خان کي چيائين ته منهنجو اڪشي کنا سان تعارف ڪراءِ. اداڪار چيو ته عامر خان پنهنجي روايت قائم رکندي چيو ته جيستائين اسڪرپٽ پاڻ نه ٻڌان تيستائين ٻئي ڪنهن ٻئي اداڪار کي پيش نه ڪندس.  اڪشي الزام لڳائيندي چيو ته عامر خان ڊائريڪٽر کي چيو ته اسڪرپٽ پهريان مونکي پڙهي ٻڌاءِ بهتر لڳي ته اڪشي کي ٻڌائيندس پر هن کي اسڪرپٽ ايتري پسند آهي جو هن پاڻ ئي فلم سائن ڪري ورتي. هن چيو ته مونکي بعد ۾ اها سڄي ڪهاڻي پاڻ عامر خان ٻڌائي.