ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) برطانيا جي بادشاهه چارلس ۽ ليڊي ڊيانا جي شاديءَ جو ڪيڪ نيلامي لاءِ پيش ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب چار ڏهاڪا اڳ ٿيندڙ برطانيا جي اُن وقت جي شهزادي ۽ موجوده بادشاه چارلس ۽ ليڊي ڊيانا جي شاديءَ جو ڪيڪ نيلام ڪيو ويندو. بادشاه چارلس ۽ ليڊي ڊيانا جي شادي 1981ع ۾ ٿي هئي جنهن ۾ 3 هزار کان وڌيڪ مهمانن شرڪت ڪئي هئي. ڪيڪ کي نيلامي لاءِ پيش ڪندڙ نائيجل رڪيٽس شادي جي مهمانن ۾ شامل هئا. شاهي خاندان جي سڀ کان مشهور شاديءَ جو ڪيڪ هڪ برطانوي آڪشن هائوس ذريعي نيلام ڪيو ويندو. نيلامي کان اڳ ڪيڪ جي ٽڪري جي قيمت جو ممڪن طور تي 300 پائونڊز اندازو لڳايو ويو آهي. ڪيڪ جي ٽڪري کي هن جي اصل باڪس ۾ محفوظ رکيو ويو آهي. بادشاهه چارلس ۽ ڊيانا جي شادي لاءِ سرڪاري طور تي 23 ڪيڪ تيار ڪيا ويا هئا ۽ ياد رهي ته نيلامي لاءِ پيش ٿيندڙ ڪيڪ جو ٽڪڙو پنج فوٽ ڊگهي ۽ پنج تهن واري مک ڪيڪ جو حصو هو. ان کان اڳ 2014ع ۾ هڪ ڪيڪ جو ٽڪرو 1،375 پائونڊز ۾ نيلام ٿيو هو.