ڪراچي (م ڊ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌين خلاف غنڊا گردي بند نه ٿي ته بحريا کي ئي ڊاهي پٽ ڪنداسين، بحريا ٽائون خلاف ڌرڻو ناڪام بڻائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ کي روڪيو پيو وڃي. ٽائيم نيوز تي اسد ممتاز رڏ جي ميزباني هيٺ پروگرام ٽائيم لائين ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان جي بحريا هائوسنگ سوسائٽي يا ملڪ رياض سان ذاتي دشمني ناهي، جڏهن بحريا منصوبو شروع ٿيو ته اسان کي اندازو هو ته هي هزار يا 2 هزار ايڪڙن جي اسڪيم هوندي، جنهن تي هڪ ننڍو ماڊل شهر ٺاهيو ويندو ۽ عوام کي سهولتون ملنديون، ان ڪري ئي اسان ٺهڻ ڏنو، پر هاڻ بحريا ٽائون جي والار 44 هزار ايڪڙ ايراضي تائين پهچي وئي آهي، ٻيو وري ڄامشوري ۾ به 43 هزار ايڪڙن جو نئون منصوبو شروع ڪري رهيا آهن، جنهن سان سڄو ڪوهستان والار هيٺ اچي ويندو، ڪوهستان سنڌ جو اڻٽٽ حصو آهي، جنهن کي خطرو آهي. هن چيو ته ملير ۾ به سالن کان ويٺل ماڻهن جي ڳوٺن کي هڪ لڪير ڪڍي ڊاهيو ويو، سنڌ سرڪار عوام کي وضاحت ڏئي ته بحريا ٽائون کي ڪيتري زمين الاٽ ڪئي وئي آهي ۽ ڪهڙن شرطن تي زمين ڏني وئي آهي؟ ڇاڪاڻ سرڪاري زمين قومي ورثو آهي، مراد شاهه، آصف زرداري يا بلاول جي ذاتي ملڪيت ناهي جو جنهن کي وڻي وڪرو ڪري ڇڏين. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته غريبن جا غنڊا گردي سان گهر ڊاهيا ويا، اهو برداشت نه ڪيو ويندو،اهڙي غنڊا گردي هلندي رهي ته پوءِ بحريا هائوسنگ سوسائٽي جو نالو نشان ئي نه رهندو، اسان انکي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بحريا آڏو ڌرڻو پرامن آهي پر سنڌ سرڪار ان کي ناڪام بڻائڻ چاهي ٿي، سڄي سنڌ مان خبرون مليون آهن ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ کي ڪراچي وڃڻ کان روڪيو پيو وڃي، ٽرانسپورٽن کي ڌمڪايو پيو وڃي ته جيڪڏهن توهان ڪراچي ويا ته اوهان جي روڊ پرمٽ رد ڪئي ويندي، جنهن ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي پهچڻ ۾ مشڪلاتون پيش اينديون.