ڪراچي (م ڊ) جي ڊي اي اڳواڻ نصرت سحر عباسي چيو آهي ته سنڌ جي معاملن تي جي ڊي اي جو موقف واضح آهي، بحريا ٽائون جو اصل مالڪ زرداري آهي، ملڪ رياض ته سنڀاليندڙ آهي. ٽائيوز جي پروگرام ٽائيم لائين ۾ ڳالهائيندي نصرت سحر عباسي چيو ته پ پ سدائين پاڻ کي سنڌ جي محافظ سڏيندي آهي پر جڏهن ملير ۾ بحريا ٽائون يلغار ڪري سنڌين جا ڳوٺ ڊاهيا ته خاموش رهي، ڪو آواز نه اٿاريو، وري جڏهن بحريا خلاف احتجاج ٿي ٿو ته تڏهن به سنڌ سرڪار کي تڪليف ٿي رهي آهي، ان جو سبب اهو آهي ته بحريا ٽائون جو اصل مالڪ زرداري آهي، ملڪ رياض سنڀاليندڙ آهي، هن چيو ته پيرپاڳاري ۽ فنڪشنل ليگ جو سنڌ جي معاملن تي موقف واضح رهيو آهي ۽ رهندو، سنڌ سان زيادتي ٿيندي ته آواز اٿارينداسين.