ڪراچي (نمائندن وٽان ) ڪورونا جا ڪلور، وڌيڪ 83 فوت، 1923 نوان ڪيس سامهون آيا، فعال ڪيسن جو انگ 50 هزارن کان گهٽجي 48937 ٿي ويو، ملڪ ۾ ڪورونا شرح 3.81، ڪراچي ۾ 13 ۽ حيدرآباد ۾ 9 سيڪڙو تي پهچي وئي، ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا وگهي 11 شهري حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 736 نوان ڪيس سامهون آيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 23682 مريضن جو علاج جاري آهي، جن مان 22741 گهرن ، 25 آئسوليشن سينٽرن ۽ 916 مختلف اسپتالن ۾ آهن، 859 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جن مان 81 مريضن کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ 436، حيدرآباد ۾ 22، ٽنڊي الهيار ۾ 22، ميرپورخاص ۽ سکر ۾ 20-20، دادو ۽ مٽياري ۾ 15-15، ڄامشوري، خيرپور ۽ سجاول ۾ 14-14، سانگهڙ ۾ 13، لاڙڪاڻي ۾ 12، ٿرپارڪر ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 10-10، بدين ۾ 9، ٽنڊي محمدخان ۽ عمرڪوٽ ۾ 6-6، گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ 2-2 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. هوڏانهن لمس حيدرآباد ۾ ڪورونا وگهي هالا واسي 60 سالن جو شمس الدين ولد الهورايو فوت ٿي ويو. ٻئي پاسي اين سي او سي چيو آهي ته جن ضلعن ۾ ڪورونا وائرس جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ آهي، انهن ضلعن ۾ سمورا تعليمي ادارا سڀاڻي 7 جون کان کوليا وڃن، ڪوورنا کان بچاءَ لاءِ سائنو فام ويڪسين جا 10 لک ڊوز پاڪستان پهچي چڪا آهن، جڏهن ته هلندڙ مهيني سائنو فام، ڪين سائنو ۽ سائنو ويڪ جون 11 ملين خوراڪون ملنديون، هوڏانهن صحت بابت وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته جيستائين ملڪ جي سمورن شهرين کي ويڪسين نٿي لڳي، تيستائين ڪورونا بابت پابنديون مڪمل طور تي ختم ٿي نه ٿيون سگهن.

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي ) ڪراچي جا واپاري ڪاروبار رات 8 وڳي تائين کولڻ واري مامري تي ورهائجي ويا، تاجر الائنس سان لاڳاپيل جامع ڪلاٿ ۽ اليڪٽرانڪس مارڪيٽ جي دڪاندارن شام 6 وڳي ڪاروبار بند ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت ايڪشن ڪاميٽي سان ملاقات ڪري واپارين جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ سومر تائين مهلت وٺي ڇڏي، سومر تي صوبائي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ واپارين جا خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ان حوالي سان گذريل ڏينهن سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر شاھ ڪمشنر آفيس ۾ واپارين جي وفد سان ملاقات ڪئي، واپارين ضلعي انتظاميا ۽ پوليس خلاف شڪايتون رکيون، جنهن تي ناصر شاھ کين خاطري ڪرائي ته انتظاميا ۽ واپارين وچ ۾ رابطن لاءِ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽيون ٺاهيون وينديون. جنهن بعد ڪو به مسئلو جنم نه وٺندو. ناصر شاھ واپارين کي خاطري ڪرائي ته اهي سومر تائين ڪاروبار 8 وڳي تائين کليل رکڻ وارو فيصلو واپس وٺن، سومر ڏهاڙي صوبائي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ سندن جائز مطالبا منظور ڪيا ويندا. ناصر شاھ واپارين کي چيو ته ڪمشنر آفيس ۾ شڪايتي سيل قائم ڪيو ويندو. جيڪو 24 ڪلاڪ فعال رهندو. واپارين جي شڪايت تي صوبائي وزير سعود آباد جي ايس ايچ او کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ملاقات بعد صوبائي وزير ناصر شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انتظاميا ۽ واپارين ۾ ڪو به تڪرار ناهي، سومر تي واپارين جا مسئلا حل ڪيا ويندا، هن چيو ته واپارين کي پوليس ۽ انتظاميا سان جيڪا شڪايت هئي، اها ڪوآرڊينيشن ڪاميٽيون ٺهڻ بعد ختم ٿي ويندي.