ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر شاھ سان صنعتڪارن جي وفد ملاقات ڪري خدشن کان آگاهي ڏني. ڪاٽي جي صدر سليم الزمان، زبير ڇايا، نگھت اعواڻ سوئي گيس، ڪي اليڪٽرڪ ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سميت ٻين صوبائي ادارن خلاف شڪايتون ڪيون، صنعتڪارن جي وفد چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب صنعتڪار شديد متاثر آهن، انهن مسئلن ڪري صنعتون ڪراچي کان منتقل ٿي رهيون آهن، ڪاٽي وفد وڌيڪ ٻڌايو ته صنعتڪارن تي پاڻي چوري جا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، جنهن ڪري صنعتڪار هراسان آهن، ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي گيس انتظاميا مصيبت ڪري ڇڏي آهي، صوابئي وزير ناصر شاھ کين خاطري ڪرائي ته صوبي ۾ انڊسٽريز کي هٿي وٺرائي پئي وڃي، بلاول جي هدايت تي ڪراچي ۾ نئون انڊسٽريل زون قائم ڪيو پيو وڃي، اسان ڪراچي کان صنعتون منتقل نه ٿيڻ ڏينداسين، صوبائي حڪومت سان لاڳاپيل پاڻي، ٽيڪسز، ڪي ڊي اي ۽ ايس بي سي اي جا مسئلا حل ڪنداسين. ناصر شاھ چيو ته ٺيڪيدار جر (سب سوائل) جي نالي ۾ واٽر بورڊ جي لائينن مان پاڻي چوري ڪري صنعتن کي فراهم ڪندا آهن، صوبائي وزير چيو ته توهان پنهنجي نالي سان سب سوائل واٽر جا لائسنس وٺو، 3 ڏينهن ۾ لائسنس جاري ڪيا ويندا.