عثمان شاهه هڙي (ن پ ا) عمر ساند ويجھو 5 ڄڻن جي قتل بعد خوف واري صورتحال برقرار آهي، جنهن ڪري ڳوٺ مان 30 خاندان لڏ پلاڻ ڪري ويا، جڏهن ته پوليس جوابدار پڪڙڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ عثمان شاھ ھڙي ويجهو عمرساند ٿاڻي جي حدواري بس اسٽاپ جمع خان لنڊ وٽ 13 اپريل تي مير جت برادري جي عدالت لاءِ پيشي تي ويندڙ مير جت برادري جي 5 ماڻهن محمد عيسيٰ، ھاشم، يامين، محمد مبين ۽ قاسم ميرجت کي قتل ڪري ٻن کي زخمي ڪيو ويو، 2 زخمي ولي محمد، الله دادا اڃا تائين سول اسپتال حيدرآباد ۾ علاج هيٺ آهن. واقعي کان پوءِ سندن اباڻي ڳوٺ گولو ميرجت ۾ ضلعي ٽنڊوالهيار جي پوليس پڪٽ قائم ڪئي وئي هئي، پر هي ڳوٺ ضلعي مٽياري ۽ ٽنڊي الهيار جي باڊر تي هجڻ ڪري ڳوٺ جي حد مٽياري ضلعي ۽ ٿاڻو اسٽيشن اڏيرولال لڳي ٿي. ان سلسلي جڏهن هتان جي صحافين جي ٽيم ڳوٺ گولو ميرجت پهتي اتي ويراني خاموشي ۽ خوف وارو ماحول ڇانيل هو. هتان جي ماڻهن ٻڌايو هتي هن ڳوٺ مان واقعي بعد 30خاندان لڏ پلاڻ ڪري وڃي چڪا آهن، ڇو ته اهي پاڻ ۾ ويجها عزيز هئا، جيڪي خوف وچان پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي ويا آهن. ان کانپوءِ سندن گهرن کي ڪن نامعلوم ماڻهن پاران گهرن جون ڇتيون ٽوڙي ٽيئر گارڊر گهرن جا در دريون ۽ سامان وغيره سڀ کڻي ويا آهن، جڏهن ته ان بابت اتي موجود ٻين ڳوٺاڻن کان پڇيو ويو ته انهن ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ گهرن اندر سمورو سامان گم هو. اها سموري ذميواري پوليس جي هئي ڇو جو اتي پوليس پڪٽ لڳل هئي. ان باوجود گهرن مان سڀ ڪجھه ڪڍي گم ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پوليس قتل ۾ ملوث مک جوابدارن جو پتو لڳائي نه سگهي آهي نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آندي آهي. البته پوليس عيوضي ۾ هڪ ماڻهو کي حراست ۾ ورتو آهي ۽ ڏوهه ۾ گهربل گاڏي پڻ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. هوڏانهن علائقي ۾ خوف ۽ حراس وارو ماحول ڇانيل آهي.