عثمان شاھ هڙي (ن پ ا) عثمان شاھ هڙي ۾ عمرساند پوليس ڏاڏي کان پوٽي کڻي ماءُ حوالي ڪري ڇڏي . عثمان شاھ هڙي واسي 12 سالا نياڻي سونهن ڌي علي احمد بهراڻي جنهن جو پي ڪجھ سال اڳ فوت ٿي ويو ۽ سندس امڙ وڃي ٻيو نڪاح ڪيو ۽ سندس سس ۽ سهري کان الڳ رهڻ لڳي ۽ سندس پيٽ ڄائي ڌي سونهن ڌي علي احمد بهراڻي کي ڏاڏو ۽ ڏاڏي جي حوالي ڪري ڇڏيو گزريل ڏينهن عمرساند ٿاڻي تي 12 سالا سونهن جي امڙ پاران عمرساند ٿاڻي تي درخوست ڏني ت منهجي نياڻي کي سندس ڏاڏو ۽ ڏاڏي سولي نموني نٿا سنڀالي سگهن کيس مون حوالي ڪيو وڃي جنهن بعد عمرساند پوليس نينگري کي ٿاڻي گهرائي بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد ماء حوالي ڪري ڇڏيو۔هوڏانهن نينگريء جي ماء سان وڃڻ واري عمل ۽ پوليس پاران پنهجي عدالت قائم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي چيو ته منهنجي ننهن منهجي پٽ جي فوت ٿيڻ بعد هن مهل تائين ٽي نڪاح ڪيا آهن ۽ سندس چال چلن پڻ ٺيڪ ناهي ۽ ايس ايڇ او عمرساند لطيف ميمڻ چند رپين عيوض منهنجي پوٽي کي زبردستي اسان خلاف بيان ڏياري سندس ماء حوالي ڪيو، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، جنهن جو ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ۽ آر پي او حيدرآباد کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ اسانجي نياڻي سونهن کي اسان حوالي ڪيو وڃي.