مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڪچي جي ڳوٺ محمد وارث ڪورائي ۾ اچانڪ چئن ڪکاون گھرن کي باهه لڳي وئي جنھن جو اطلاع فائر برگيڊ عملي مورو کي ڏنو ويو، جنھن جي پھچڻ کان اڳ باهه چئني گھرن کي وڪوڙي ڇڏيو ۽ پيل سامان الهه تلهه ساڙي رک جو ڍير بڻائي ڇڏيو. باهه لڳڻ سبب متاثرن ۾ محمد وارث، نور محمد، مرتضيٰ ۽ حفيظ ڪورائي شامل آھن، جن جي گھرن کي باهه لڳي، جنھن دوران 1 ڳئون، 6 ٻڪريون سڙي مري ويون. گھر جو سامان ھنڌ کٽون، روڪ رقم سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي ويو، جڏھن ته پھتل فائر برگيڊ عملي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو. ان موقعي تي متاثرن چيو ته اسان جي گھرن کي اچانڪ باهه لڳي، جنھن سبب سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل آهن، متاثرن پاران وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي وئي آهي.