ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو چلهه جي چڻنگ مان باهه لڳڻ سبب 6 ڪکاوان گهر سڙي رک ٿي ويا. خبر موجب ڳوٺ چاڪر آباد ۾ چلهه جي چڻنگ مان 6 ڪکاون گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻن شيردل، ميرون، ميران بخش، ادل، ميرزادي جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب سندن گهرن ۾ رکيل سمورو الهه تلهه سڙي ويو آهي، هنن چيو ته اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتو جنهن ڪري سمورو سامان سڙي ويو آهي.