لاهور (م ڊ) قاتلاڻي حملي بعد عمران خان کي ريسڪيو ڪندڙ اهلڪار جو موقف سامهون اچي ويو آهي، اهلڪار جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي ڄنگهه تي گوڏي وٽ زخم هو، جنهن مان رت وهي رهيو هو، ڪنهن ٻئي هنڌ گولي يا زخم جا نشان نه ڏٺا، هن چيو ته رش ايتري هئي جو  صحيح نه ڏسي سگهيس ته عمران کي گولي لڳي آهي يا ڇرو، مون عمران خان کي گوڏي وٽان رت وهندي ڏسي پٽي رکي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.