لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين لانگ مارچ سڀاڻي وزيرآباد کان ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته حملي بابت عدالتي ڪميشن جي آجيان ڪريان ٿو پر 3 ڄڻا استعيفا نه ڏيندا ته شفاف جاچ ڪيئن ٿيندي؟ هڪ فرد تي الزام لڳايو ته چون ٿا سڄي فوج بدنام ٿي رهي آهي، فوجي آفيسر خلاف ڪيس داخل نه ٿي رهيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته اسان ٻيهر لانگ مارچ شروع ڪري رهيا آهيون، ڊڄڻ وارا ناهيون، مون لاءِ غلامي کان موت بهتر آهي، حقيقي آزادي حاصل ڪنداسين، موت ۽ زندگي الله جي هٿ ۾ آهي، آئون چاهيان ٿو ته قوم ۾ به اهو جذبو اچي وڃي، ڪنهن کان ڊڄي پنهنجي زندگي تي سوديبازي ڪرڻ شرڪ آهي. عمران خان چيو ته اڱاري جي ڏينهن اتان ئي مارچ شروع ڪنداسين، جتي معظم شهيد ٿيو، سموري پاڪستان جا ماڻهو ساڳئي هنڌ تي جمع ٿي اسلام آباد طرف مارچ ڪنداسين، پنجاب کان شاهه محمود قريشي مارچ جي قيادت ڪندو ۽ ڪي پي ڪي کان پرويز خٽڪ قيادت ڪندو،  10 کان 14 ڏينهن جي اندر راولپنڊي پهچي وينداسين، جتان آئون پاڻ لانگ مارچ جي قيادت ڪندس، تيستائين روز لانگ مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن کي خطاب ڪندس. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون تي توهين مذهب جو الزام لڳائي سلمان تاثير وانگر مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مون الزام ايئن ناهن لڳايا، انهن جو تسلسل آهي، مون کي يقين آهي ته 3 ماڻهن مون کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي، اهو منهنجو حق آهي ته ان ٽنهي ماڻهن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرايان، آئون ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جو سربراهه آهيان، ان کان علاوه اڳوڻو وزيراعظم به آهيان ۽ پنجاب ۾ اسانجي پنهنجي حڪومت آهي، جيڪڏهن ان باوجود آئون پنهنجي مرضي سان ايف آءِ آر داخل نٿو ڪري سگهان ته پوءِ عام ماڻهو ۽ سموري قوم کي انصاف ڪيئن ملندو.؟ هن چيو ته هڪ اڳوڻو وزيراعظم چئي رهيو آهي ته منهنجي مٿان قاتلاڻي حملي ۾ 3 ماڻهو ملوث آهن پر اسان جي ئي پوليس ڪنهن جي چوڻ تي اسان جي ايف آءِ آر داخل نه ڪري رهي آهي، منهنجي مٿان حملي سان فوري طور تي پروپيگنڊه شروع ڪئي وئي ۽ ٽوئيٽس ڪرايا ويا ته حملو مذهبي انتهاپسندي جو نتيجو آهي. اهو هنن جو پلان آهي مون کي توهين مذهب جي الزام ۾ قتل ڪيو ويندو. عمران خان چيو ته مون تي ٿيل حملي جي اڃا تائين ايف آءِ آر داخل ناهي ٿي سگهي، ڇاڪاڻ هو چون ٿا ته اسان وزيراعظم ۽ گهرو وزير خلاف ته ايف آءِ آر داخل ڪري سگهون ٿا پر فوجي آفيسر خلاف ڪيس داخل نه ٿا ڪري سگهون، ڇا پاڪستان ۾ ڪجهه ماڻهو قانون کان مٿانهان آهن. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته آئون اڳ ئي اهو چوندو هئس ته هتي انصاف ملڻ مشڪل آهي، اهو معاشرو ڪڏهن به ترقي نٿو ڪري سگهي جتي انصاف نه هجي ۽ قانون جي حڪمراني نه هجي. آئون جيڪڏهن صاف شفاف چونڊون چاهيان ٿو ته اهو منهنجو حق آهي. عمران خان وزيراعظم جي سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ڪميشن جوڙڻ واري مطالبي جي آجيان ڪندي چيو ته شهبازشريف جي فل ڪورٽ ڪميشن واري ڳالهه جي آجيان ڪريان ٿو پر جوڊيشل فل ڪورٽ ڪميشن ڇا ٿيندي، جن ٽن ماڻهن جا نالا ڏنا آهن، انهن جي ماتحت سمورا جاچ ادارا آهن، تنهن ڪري آئون چوان ٿو ته هي ٽئي پهرين استعيفا ڏين ته جيئن غيرجانبداراڻي جاچ ٿي سگهي، ٿي سگهي ٿو آئون ئي غلط هجان، مون ائين ئي الزام ناهي لڳايو، ان پويان هڪ تسلسل آهي. عمران خان چيو ته مون فوج جي هڪ فرد تي الزام لڳايو ته چيو ويو سڄي فوج بدنام ٿي رهي آهي، مونکي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان تي حيرت آهي، هي ته اها ڳالهه آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جج يا پي ٽي آءِ جي ڪنهن ڪارڪن کي ڪرپٽ چيو وڃي ته مطلب پوري عدليا يا تحريڪ انصاف ڪرپٽ آهي. هن چيو ته اسان کي ۽ ارشد شريف جي والده کي خبر آهي ته ارشد شريف کي ڪنهن کان جان جو خطرو هو. ان جي جاچ جي لاءِ به سپريم ڪورٽ جي جوڊيشل ڪميشن ٺاهي وڃي. هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر چوي ٿو ته سائفر ڊرامو آهي، جيڪڏهن اهو ڊرامو آهي ته ان جي جوڊيشل جاچ ڇو نه ڪرائي وئي؟ ڪنهن ڳالهه جو ڊپ آهي؟ جڏهن نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل چئي رهي آهي ته مداخلت ٿي ته آءِ ايس پي آر ڇو چئي رهي آهي ته مداخلت ناهي ٿي؟ چيف جسٽس صاحب! سائفر آيل آهي، جيستائين اوهان جاچ نه ڪندو ته مداخلت جي ڪيئن خبر پوندي؟ اعظم سواتي جي معاملي تي عمران خان چيو ته چيف جسٽس هن معاملي جي به جاچ ڪرائي وڃي. هن معاملي ۾ به ساڳيا ماڻهو ملوث آهن جيڪي ان کان اڳ به صحافين کي کڻندا رهيا آهن. اعظم سواتي جي وڊيو فيڪ ناهي، اسان سپريم ڪورٽ جي ٻاهران احتجاج ڪنداسين جنهن ۾ سواتي سان گڏ اسان جا سمورا سينيٽرز هوندا ۽ مطالبو ڪنداسين ته اعظم سواتي کي انصاف ڏنو وڃي.