عمران خان چالاڪ آهي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ مهارت رکندو آهي: جنرل (ر) باجوه

0
225

اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوه پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي چالاڪ شخص قرار ڏنو آهي

هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ وڏي مهارت رکندو آهي ۽ ماڻهو اُن تي يقين ڪري وٺندا آهن

صحافي شاهد ميتلا جي رپورٽ موجب جنرل رٽائرڊ باجوه هڪ سوال ته ڪراچي ۾ مريم نواز جي ڪمري جو دروازو ٽوڙڻ جو حڪم ڪنهن ڏنو هو؟ هن چيو ته برگيڊيئر حبيب ان وقت سيڪٽر ڪمانڊر هو، جنرل فيض ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو پر هيٺين سطح تي ڪجهه وڌيڪ ٿي ويو، اسان ذميوار آفيسر کي هٽائي ڇڏيو هو

اعظم سواتي ۽ شهباز گل کي اگهاڙو ڪرڻ جي الزام الزام تي جنرل (ر) باجوه چيو ته هُن جو انهن واقعن سان ڪو به تعلق ناهي، ڪجهه وقتن ۾ ايجنسين ۾ شاهه کان وڌيڪ شاهه جا وفادار بڻڻ جي ڪوشش ٿيندي آهي، هي سڀ ڪجهه هيٺين سطح تي ٿيندو رهندو آهي

هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي آرمي چيف چيو ته شيخ رشيد سان زندگي ۾ صرف ٻه ڀيرا ملاقات ٿي آهي، شيخ رشيد چيو هو ته عمران خان کان حڪومت نه پئي هلي سگهي، جنرل صاحب ڪجهه ڪريو

ان انٽرويو جي سلسلي ۾ ٽوئيٽر ۽ سوشل ميڊيا تي هلندڙ جنرل (ر) باجوه جي ڳالهين تي شيخ رشيد جو رد عمل به آيو آهي ۽ ٽوئيٽر تي صحافي شاهد ميتلا پاران انٽرويو بابت ڏنل بيان به مختلف هلي رهيا آهن

هي به پڙهندا

هر پاسي رڪاوٽون لڳايون ويون، اڄ لُڪي عدالت آيو آهيان: عمران خان جو عدالت آڏو بيان