اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو چور ثابت ٿيو، جيڪو ماڻهو اليڪشن ڪميشن کي ڪوڙو حلف نامو ڏئي، اُهو صادق ۽ امين نٿو ٿي سگهي، پرڏيهين کان پئسا وٺي ملڪي سياست کي گدلو ڪندڙ عمران خان ڏوهاري آهي، پ پ طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان جو ڪرپشن خلاف بيانيو ڪوڙو نڪتو، اليڪشن ڪميشن کي جاچ کان روڪڻ لاءِ ٽڪساٽ گهڙيندڙ عمران خان قوم آڏو وائکو ٿي ويو، پرڏيهي سازش جو نعرو پي ٽي آءِ جي منافقت هئي، جنهن تان پردو کڄي ويو.