لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز شريف چيو آهي ته نواز شريف واپس اچي رهيو آهي، پي ٽي آءِ خلاف وڏا فيصلا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي هاڻ آر ٿيندو يا پار. حڪومت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي فيصلي جي روشني ۾ وڏا قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته نواز شريف اچي رهيو آهي ۽ پهرين کان وڏي طاقت سان اچي رهيو آهي.