عمران خان جو آڊيو ليڪس معاملي تي عدالت وڃڻ جو اعلان

0
174
عمران خان جو آڊيو ليڪس معاملي تي عدالت وڃڻ جو اعلان

راولپنڊي: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان آڊيو ليڪس واري معاملي تي عدالت وڃڻ جواعلان ڪري ڇڏيو

راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ بعد ۾ پارٽي ڪنونشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته وزيراعظم طور منهنجي فون جي محفوظ لائين کي بـَــگ ڪيو ويو
هن چيو ته ، آڊيو ليڪس قومي سلامتي جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، آڊيو ليڪس سان قومي سلامتي جي رازداري کي عالمي سطح تي وائکو ڪيو ويو آهي، عدالت وڃي جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪنداسين

عمران خان چيو ته جڏهن به اسلام آباد ڏانهن مارچ جي ڳالهه ڪيان ٿو ته هنن جون ڄنگهون ڏڪڻ لڳن ٿيون، راڻا ثناءُ الله ۽ شهباز شريف کي 40 سالن کان سڃاڻان ٿو، هر شيءِ جي پلاننگ ڪري ڇڏي آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان پاڻ وڏو ضمير فروش نڪتو: وزير اعظم