سياري لاءِ گئس جو انتظام نٿو ٿي سگھي: وزير اعظم خطري جي گھنٽي وڄائي ڇڏي

0
229

وزير اعظم شھباز شريف خبردار ڪيو آھي تھ سياري ۾ گئس جو انتظام نٿو ٿي سگھي

سنڌ ڪول مائن ڪمپني جي ٿرڪول بلاڪ 2 منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٿر ۾ پيدا ٿيندڙ بجلي جي قيمت ڏهه رپيا في يونٽ هوندي، ٿر جي ڪوئلي مان 300 سالن تائين بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي

هن وڌيڪ چيو ته سياري لاءِ گئس جو بندوبست ناهي ٿي سگهيو، اها تمام مهانگي ٿي وئي آهي، ان ڪري هو درآمد نٿا ڪري سگهن

واضح رهي ته تازو ئي پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ به چيو هو ته سياري ۾ گئس تمام گهٽ هوندي آهي، ان ڪري ڪوشش ڪئي ويندي ته عوام کي ناشتي ۽ ماني دوران گئس فراهم ڪئي وڃي