تعميراتي سامان جي اگهن ۾ 50 سيڪڙو واڌ، اوساري به مهانگي، اجها اڏڻ مشڪل بڻجي ويو

0
514

قاضي احمد (رپورٽ: الھه رکيو سيال) قاضي احمد ۾ گھرن جي  اوساري ۽ تعميراتي ڪم ۾ ڪم ايندڙ سرئيي، سيمينٽ، گاڊر، ٽيئر، بانس جا لڪڙا، لوھي در دريون، سرون، ريتي، بجري، جي اگھن ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ اچڻ سبب انهن جي خريداري مشڪل بڻجي وئي آهي

ان سلسلي ۾ پنھنجي اخبار پاران ڪيل سروري ۽ ورتل جائزي موجب بٺي مالڪن پاران 6 مھينا اڳ 17 ھزار رپين ۾ ملندڙ سُرن جي ٽرالي برساتن بعد ھاڻي اها 29 ھزارن کان 30 ھزار رپين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي، سيمنٽ جي في ٻوري اڳ ۾ 500 رپيا ملندي ھئي، جيڪا ھاڻي 990 کان ھڪ ھزار 20 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آھي، گاڊر في فوٽ پھريان 300 رپيا هو، هاڻي اهو 400 رپيا في فوٽ وڪامجي رهيو آھي

بانس جا لڪڙا في فوٽ پھريان 15 رپيا هو، جڏھن ته هاڻي 22 کان 25 رپيا في فوٽ ڏنو پيو وڃي، سرن جي تيلن مان ٺھندڙ ڪڙي پھريان 8 رپيا فوٽ ھئي هاڻي 12 رپيا في فوٽ وڪرو ڪئي پئي وڃي، ٽيئر في فوٽ اڳ ۾ 100 رپيا هو ۽ ھن وقت 150 کان 180 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيا آھن، ٻئي پاسي دڪاندار گاڊرن سميت گهرن جي تعميرات ۾ ڪم ايندڙ سامان جا مختلف هٿرادو ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آھن

جنهن ڪري غريب طبقو مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، خريدارن نياز گائيچو، شھباز علي، گهرام خاصخيلي ۽ ٻين ٻڌايو ته قاضي احمد ۾ گھرن جي اوساري ۽ تعمير جي استعمال هيٺ ايندڙ سامان جي اگھن ۾ واڌ سبب گھر ٺاھڻ مشڪل بڻجي ويو آھي، هنن چيو ته جيڪو سامان 50 رپين ۾ ملندو هو اهو هاڻي 200 رپين ۾ ملي رهيو آھي، سادي جڳھه به 5 لکن کان گهٽ ۾ تعمير نٿي ٿئي، ان لاءِ ھاڻ 10لک رپيا هٿ ۾ هجڻ ضروري آهن، ھنن مطالبو ڪيو ته واڌو اگھن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن

ھي به پڙھندا

ميھڙ جي اسڪولن کي ٻوڏ متاثرن کان خالي ڪرايو ويو

برسات متاثر پورهيت غربت سبب آپگهات ڪري ڇڏيو