عمران خان پاڻ وڏو ضمير فروش نڪتو: وزير اعظم

0
154

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻين کي چور چور چوندڙ عمران خان پاڻ وڏو ضمير فروش نڪتو

هن چيو ته عمران جو ڪوڙ ۽ ڊرامو وائکو ٿي ويو، هن هارس ٽريڊنگ ڪري پنهنجو ڏوهه مڃي ورتو آهي

شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پيشيءَ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته نواز شريف عدالتن کان اين آر آو نه ورتو

وزير اعظم چيو ته عمران خان ٻڌائي ته فرح گوگي ۽ عليمه خان جا جيڪي ڪيس بند ٿيا، ڇا اُهو اين آر او نه هو، عمران نيازي قوم خلاف سازش ڪئي آهي، کيس جواب ڏيڻو پوندو