فيڪ نيوز تي ڌيان نه ڏيو، ملڪ جو تحفظ مضبوط هٿن ۾ آهي: آرمي چيف

0
210

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته فيڪ نيوز ۽ پروپيگنڊا تي ڌيان نه ڏيو، ملڪ جو تحفظ مضبوط هٿن ۾ آهي، فوج پاڪستان کي دهشتگرديءَ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب دوران پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس کي واڌايون ڏيندي چيو ته توهان کي فخر هئڻ گهرجي ته توهان هن عظيم فوج جو حصو بڻجڻ وڃي رهيا آهيو، قومي سلامتيءَ تي ڪو به ڪوسو واءُ اچڻ نه ڏينداسين

آرمي چيف پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪيو، جنرل قمر جاويد باجوا ملٽري ٽريننگ ڪورس مڪمل ڪندڙ ڪيڊٽس ۾ سرٽيفڪيٽس به ورهايا