عمران خان اڄ پيش نه ٿيو ته عبوري ضمانت رد ڪنداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

0
258

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عسڪري ادارن خلاف بيان تي داخل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڄ ئي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

 عسڪري ادارن خلاف بيان تي عمران خان جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي عمران خان جي ذاتي حيثيت ۾ غير حاضريءَ تي عدالت طرفان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

 چيف جسٽس عامر فاروق سوال ڪيو ته ڪٿي آهي عمران خان؟ عمران خان اڄ پيش نه ٿيو ته عبوري ضمانت رد ڪنداسين

 چيف جسٽس جي پڇاڻي تي وڪيل نعيم حيدر پنجوٿا چيو ته عمران خان نه اچي سگهيو، ان ڪري حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي آهي، چيف جسٽس چيو ته حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ڪٿي آهي؟، جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته درخواست داخل ڪئي وئي آهي

 چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالتي وقت تائين درخواست گذارعمران خان پيش نه ٿيوته عبوري ضمات رد ڪري ڇڏينداسين

چيف جسٽس عامر فاروق جو چوڻ هو ته  اوهان عدالتن کي مذاق بڻائي ڇڏيوآهي، هاءِ ڪورٽ کي سول ڪورٽ سمجهيوآهي؟ يا اسان هيٺ ٿي ويا آهيون يا هو مٿي ٿي ويو آهي؟ عدالت پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي عدالتي وقت ۾ پيشي تائين ٻڌڻي ۾ وقفو ڪري ڇڏيو آهي

هي به پڙهندا

سُپريم ڪورٽ جي 8 ججز کان پڇان ٿو ته اسان چونڊون ڇو نٿا ڪرايون؟ عمران خان