لاڙڪاڻي ڀرسان گهرو اڻبڻت تان نوجوان گهران سڏي قتل

0
282
لاڙڪاڻي ڀرسان گهرو اڻبڻت تان نوجوان گهران سڏي قتل
لاڙڪاڻي ڀرسان گهرو اڻبڻت تان نوجوان گهران سڏي قتل

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان گهرو اڻبڻت تان نوجوان کي گهران سڏي قتل ڪيو ويو، ڳوٺ حسيب چانڊيو ۾ گهرو اڻبڻت تان نوجوان کي قتل ڪيو ويو

پوليس موجب رشيد وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ حيسب چانڊيو ۾ علي ڏنو ٽڳڙ جي ڌر 25ورهين جي  عاشق علي ٽڳڙ کي رات دير سان زمين  تي گهرائي قتل ڪيو آهي

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن

نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو، مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

ٻئي پاسي ڏوڪري جي ڪچي ۾ گذريل ڏينهن  قتل ٿيل نوجوان ۽ سندس اغوا ٿيل  ڀيڻ ڀاءُ جو ڪيس داخل نه ٿيو، ويهڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ بيدي  لاشاري ۾ پسند پرڻي تان هٿياربندن  علي گوهر کوکر کي قتل ڪيو هو

هٿياربند مقتول جي بيواهه ڀيڻ  زاهده ۽ 14ورهين جي ڀاءُ ظفر کوکر کي اغوا ڪري ويا هئا

ويهڙ پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جو مڙهه تدفين لاءِ نوابشاهه جي ڳوٺ مڃٺ منتقل ڪيو ويو، وارث واپس ايندا  ته ڪيس داخل ڪيو ويندو

وارثن موجب مقتول جي ڀاءُ گلشير کوکر پاڙيسري صنم لاشاري سان پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن تان واقعو پيش آيو آهي

هي به پڙهندا

دوداپور ۾ 2 ڏينهن اڳ قتل ٿيل فدا حسين جمالي جي وارثن جو ڌرڻو