عصمت واقعو: مک جوابدار شمن سولنگي جي امڙ عدالت پهچي وئي، نڪاح جو انڪشاف

0
218
عصمت واقعو: مک جوابدار

 دادو (ن پ ا) عصمت طور واقعي جي مک جوابدار شمن سولنگي جي ماءُ مسمات نسرين سولنگي سيشن جج جي عدالت ۾ ايس ايڇ او سيتا گل بيگ ، نادر علي، خالد جميل ، اسد علي ، اي ايس آءِ فدا ڪلهوڙو ۽ اي ايس آءِ يوسف راهوجو خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

مسمات نسرين جو چوڻ آهي ته منهنجي پٽ شمن سولنگي جي غير موجودگي ۾ سندس خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، مٿين ڇڪايلن ملي ڀڳت ڪري عصمت کي قتل ڪري منهنجي پٽ، پوٽي، ننهن ۽ ٻين کي قتل ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي

هن موقف اختيار ڪيو ته ڏيڍ سال اڳ عصمت منهنجي پٽ شمن سان نڪاح ڪيو هو ۽ پوءِ عصمت جي گُهر ڪئي ته منهنجي پٽ تي حملو ڪري کيس زخمي ڪيو ويو

نسرين جو چوڻ آهي ته زخمي ٿيڻ بعد منهنجو پٽ شمن لاهور هليو ويو ته پٺيان منهنجي پٽ، پوٽي ۽ ننهن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو آهي

سيشن جج دادو جي عدالت مسمات نسرين جي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي فرسٽ ايڊيشنل ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي

فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج شاگردياڻي عصمت جي پي خالد جميل ، ڀائرن، نادر علي ، اسد علي ۽ سيتا جي ايس ايڇ او ۽ ٻين اهلڪارن کي نوٽيس جاري ڪري 31 جنوري تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي