شاهه محمود جو متحدا اڳواڻن سان رابطو، جمهوريت جو درس ڏيندڙن جو اصل چهرو سامهون اچي ويو: پرڏيهي وزير

0
360
جمهوريت جو درس ڏيندڙن

اسلام آبا (بيورو) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي پارلياماني ليڊر ۽ ميمبر قومي اسيمبلي خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق ۽ ميمبر قومي اسيمبلي ڪشور زهرا سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي

شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪراچي ۾ پرامن مظاهرين تي پوليس جي وحشياڻي تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، پرامن احتجاج کي لٺين ۽ شيلن سان منتشر ڪرڻ جمهوري حق کان نفي آهي

پرڏيهي وزير پاران ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن اسلم جي شهادت تي تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو ۽ چيو ته پوليس تشدد سبب ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي اکين جو ضايع ٿيڻ افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي

شاهه محمود قريشي چيو ته متحده قومي موومينٽ عورتن تي پوليس تشدد جي جتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي، ڪراچي جي روڊن تي ايم ڪيو ايم جي چونڊيل ايم پي اي کي جنهن طرح گهليو ويوسڄي قوم ڏٺي، ڪالهه جي افسوسناڪ واقعي جمهوريت جي ڪوڙن دعويدارن جون حقيقتون سامهون اچي ويون

هن چيو آهي هت جمهوريت جو درس ڏيندڙن جو اصل چهرو روز ٽي وي اسڪرينن تي نظر اچي رهيو آهي، سنڌ لوڪل باڊيز قانون کي پيپلز پارٽي کانسواءِ سمورين پارٽين رد ڪيو آهي، پي ڊي ايم ۾ شامل ن ليگ به هن قانون کي رد ڪيو آهي

هن چيو ته ان قانون خلاف اسيمبلي اندر احتجاج ۽ اسيمبلي ٻاهران جماعت اسلامي جو ڌرڻو جاري آهي، سنڌ جو مڪاني نظام عوام سان مذاق بڻجي ويو آهي،

پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين جي حيثيت سان قانون ۾ فوري تبديلي جو مطالبو ڪري ڇڏيو