حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ جو تعليم کاتي کي بند پيل اسڪول کولي استاد مقرر ڪرڻ جو حڪم

0
616
نئون ڪوٽ واقعو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ تعليم کاتي کي بند پيل اسڪول کولي استاد مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عمر سيال تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي، عدالت چيو ته ايڊيشنل سيڪريٽري استاد مقرر ڪري 16 فيبروري تي پاڻ عدالت ۾ اچي رپورٽ جمع ڪرائي

ڳوٺ حاجي احمد علي لغاري جي رهواسي جهانزيب لغاري وڪيل عبدالمالڪ شيخ معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ هن چيو هو ته 2018ع دوران استاد جي رٽائرڊ ٿيڻ بعد تعليم کاتي نئون استاد مقرر ڪرڻ بدران اسڪول بند ڪري ڇڏيو آهي

وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته تعليم کاتي ٽنڊو الهيار رپورٽ جمع ڪرائي آهي ته ضلعي ۾ استادن جي کوٽ سبب 73 پرائمري اسڪول بند پيل آهن

جسٽس صلاح الدين پنهور جا رمارڪس ڏنا ته تعجب جي ڳاله آهي ته مئٽرڪ پاس نائب قاصد اسڪول ۾ ٻارن کي تعليم پيو ڏي، تعليم کاتي جي پنهنجي رپورٽ ۾ بند پيل اسڪولن جو سبب استادن جي کوٽ ڄاڻايو ويو آهي ته پوءِ استاد ڇو نه ٿا مقرر ڪيا وڃن

سيڪريٽري تعليم ڊويزنل سطح تي ڪميٽي قائم ڪري جيڪا ڳوٺن ۾ بند پيل اسڪولن جي جائزي سان گڏ ڳوٺاڻن سان به ملي۽ تعليم کاتو سمورا بند پيل اسڪول کولڻ سان گڏ استادن جي مقرري کي يقيني بڻائي ۽ اها رپورٽ ايڊيشل رجسٽرار معرفت عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي