عدم اعتماد مامرو: شڪي ميمبرن جي مبينا لسٽ وزيراعظم کي پيش

0
184
وزيراعظم روس جو دورو

ڪراچي (م ڊ) تحريڪ عدم اعتماد واري معاملي تي ڪجهه ميمبرن جي مبينا لسٽ وزيراعظم عمران خان کي جمع ڪرائي وئي آهي

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان کي مبينا طور تي 28 ميمبرن جي لسٽ پيش ڪئي وئي جيڪا سول اداري جي طفران موڪلي وئي، هن لسٽ ۾ شامل سمورن ميمبرن جو تعلق پي ٽي آءِ سان آهي جڏهن ته لسٽ ۾ اتحادي پارٽين جي ميمبرن جو ذڪر ناهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ جن ميمبرن جا نالا شامل آهن اهي عدم اعتمادي ۾ اپوزيشن کي ووٽ ڏئي سگهن ٿا، جڏهن ته مبينا شڪي ميمبرن جي نگراني به شروع ڪئي وئي آهي

ذريعن موجب لسٽ ۾ گهڻو ڪري اهي ميمبر شامل آهن جيڪي ٻيون پارٽيون ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيا آهن، وزيراعظم انهن سمورن ناراض ميمبرن کي راضي ڪرڻ جو ٽاسڪ پرويز خٽڪ ۽ شاهه محمود قريشي کي ڏنو آهي

ھي به پڙھندا

ق ليگ پنجاب جي وڏي وزير لاءِ عليم خان جو نالو رد ڪري ڇڏيو