سپريم ڪورٽ مونال ريسٽورنٽ کي سيل ڪرڻ وارو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو

0
180

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ مونال ريسٽورنٽ کي سيل ڪرڻ وارو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آهي

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ مونال ريسٽورنٽ سيل ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مونال ريسٽورنٽ کي سيل ڪرڻ جو صحيح ٿيل حڪم نامو جاري ڪيو؟

ان تي وڪيل چيو ته هاءِ ڪورٽ جي مختصر حڪم جي تصديق ٿيل ڪاپي موجود آهي ۽ نه ئي تفصيلي فيصلو، انٽرا ڪورٽ اپيل 2 ڀيرا مقرر ٿي پر ٻڌڻي کان اڳ ئي ڪيس ملتوي ڪيو ويو

عدالت پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم کان اڳ ريسٽورنٽ ڪيئن سيل ڪيو ويو؟ جيڪڏهن وائلڊ لائيف بورڊ ڌر نه هو ته پوءِ سيل ڪرڻ ۾ ڦڙتي ڇو ڏيکاري وئي؟ مارگلا هلز تي اڄ تائين ڪيترا ريسٽورنٽ سيل ڪي اويا آهن؟

ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ وائلڊ لائيف بورڊ جي چيئرپرسن رانا احمد تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽  بار بار مداخلت ڪرڻ تي روسٽرم تان هٽائي ڇڏيو

عدالت چيو ته اصولي طور تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو ڪو به حڪم ناهي ۽ زباني حڪم جي ڪا به آئيني ۽ قانوني حيثيت ناهي، هاءِ ڪورٽ مونال ريسٽورنٽ کي سيل ڪرڻ جو حڪم جاري ناهي ڪيو، ان حوالي سان ٻين ريسٽورنٽ کي سيل ڪرڻ کان اڳ نوٽيس ڏنو ويو آهي

بعد ۾ عدالت مونال ريسٽورنٽ کي سيل ڪرڻ جو حڪم معطل ڪندي ان کي ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي قانوني رخن جي ڄاڻ ناهي