ق ليگ پنجاب جي وڏي وزير لاءِ عليم خان جو نالو رد ڪري ڇڏيو

0
262
ق ليگ پنجاب جي

ڪراچي (م ڊ) مسلم ليگ ق پنجاب جي وڏي وزير لاءِ عليم خان جو نالو رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته پنجاب ۾ اهڙي تبديلي آڻڻ کان بهتر آهي ته عثمان بوزدار کي اڪيلو ڇڏيو وڃي

ذريعن موجب پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻن مونس الاهي ۽ طارق بشير چيما سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پنجاب ۾ وڏي وزير جي تبديلي جي صورت ۾ نئين حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو

قاف ليگ اڳواڻن چيو ته پنجاب مسلم ليگ (ق) جي سياست جو ميدان آهي، ان معاملي ۾ اتحادي طور اسان جي راءِ ضروري آهي، تبديلي جي صورت ۾ عليم خان کي اڳتي آندو ويو ته اتحاد ۽ پي ٽي آءِ جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي

ٻئي طرف سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ فواد چوڌري وچ ۾ ملاقات ٿي اهي، جنهن ۾ پنجاب ۾ ترين گروپ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته عمران اسماعيل سڦڌ سماءَ واري وفاقي وزير عليم خان سان ٿيل ڳالهين بابت بريفنگ ڏني

ھي به پڙھندا

بي اعتمادي رٿ 48 ڪلاڪن ۾ اچي ويندي، عمران خان کي گهر موڪلڻ جو وقت اچي ويو آهي: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان