وزيراعظم چورن کي شڪست ڏيندو، سياسي مخالف ملڪي ترقي جا دشمن آهن: شيخ رشيد

0
166
وزيراعظم چورن کي شڪست

ڪراچي (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان لٽيرن ۽ منافقن کان نه ڊڄي، وزيراعظم چورن کي شڪست ڏيندو، سياسي مخالف ملڪي ترقي جا دشمن آهن، انهن کي ناڪامي نصيب ٿيندي

راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته راولپنڊي عورتن جي تعليم جي حوالي سان پاڪستان ۾ نمبر ون آهي، 90 جي ڏهائي ۾ هي يونيورسٽي توهان ڪارڪنن ٺاهي هئي، راولپنڊي ۾ هر ڪنڊ ۾ غريبن جون جهڳيون هيون، اسان راولپنڊي جي هر ڪنڊ ۾ تعليمي ادارا قائم ڪيا آهن

شيخ رشيد چيو ته لال حويلي کي يونيورسٽي ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو، 90 جي ڏهاڪي ۾ منهنجي ڪوششن سان فاطمه جناح يونيورسٽي قائم ٿي، يونيورسٽي عورتن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، راولپنڊي ۾ عورتن لاءِ ڪيترائي تعليمي ادارا ٺاهيا