گهوٽڪي (رپورٽر) مستحق عورتن جي شڪايتن تي عادلپور هاءِ اسڪول ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽر تي گذريل ڏينهن اي ڊي سي ٽو ڇاپو هڻي عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ جي الزام ۾ 4 ايجنٽن عطا محمد، شفيق احمد، امتياز ۽ اعجاز کي گرفتار ڪرائي سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪرايو هو، عادلپور پوليس گرفتار ڪيل 4 ايجنٽن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ بدران آزاد ڪري ڇڏيو، پوليس موجب ته ڪيس ۾ اهڙا ڪي به قلم شامل نه ٿيل هئا جو جوابدارن کي آزاد نه ڪريون. تنهنڪري شخصي ضمانت تي جوابدارن کي آزاد ڪيو آهي.