حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڀٽائي نگر واري علائقي ۾ مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻيل 14 ورهين جي نينگر سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. معاملو عدالت ۾ هئڻ باوجود نينگر جي وارثن کي ڪيس هٿ کڻائڻ لاءِ پڻ ڌمڪايو پيو وڃي. ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس موجب 8 اپريل تي انهن ايڊووڪيٽ فخر الدين ڏهراج جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو هو جنهن ۾ فريادي ۾ ڄاڻايو هو ته گلستان سجاد جي علائقي الرحيم ولاز ۾ ساڻس گهر ۾ گڏ رهندڙ 14 ورهين جي علي اڪبر پٽ شوڪت علي راجپوت کي 28 مارچ تي شاهه زمان، احسان، بخش علي ۽ الهڏنو جيڪي ڪار ۾ سوار هئا اهي هٿيارن جي زور تي علي اڪبر کي مبينا طور اغوا ڪري ويا جنهن کي 29 مارچ تي پاڻمرادو واپس ڇڏي ڏنو جنهن اچي ٻڌايو ته ڄاڻايل جوابدارن ساڻس بدفعلي ڪئي آهي. متاثر نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته معاملو عدالت ۾ هلندڙ آهي پر پوليس اڃا تائين واقعي ۾ ملوث ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي جنهن ڪري ڪيس ۾ نامزد جوابدار کين ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندن ڪوششون جاري آهن.