کهڙا (ن پ ا) کهڙا واسي ڪينسر جي بيماري ۾ مبتلا نوجوان مرتضي’ ميمڻ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، نوجوان مرتضي’ ميمڻ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪينسر ۽ هڏن جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ گهمڻ ڦڙڻ کان لاچار هڪ هنڌ بستر تي پيل هو، ڪينسر وگهي فوت ٿي ويل مرتضي’ ميمڻ پنهنجي علاج لاءِ سوشل ميڊيا سميت علائقي جي سرندي وارن ۽ حڪومت کي اپيلون به ڪيون هيون پر سندس علاج نه ٿي سگهيو.