ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ آل سنڌ آبپاشي ٽريڊ يونين فيڊريشن جي صدر ميان عبدالرحيم ڀارو چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري  سروسز،  سيڪريٽري  آبپاشي ۽ لاڳاپيل ڌرين کي ڌر بڻائي صوبائي ملازمن کي صحت ڪارڊ جاري نه ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي حڪومتن سرڪاري ملازمن کي صحت ڪارڊ جاري ڪيا آهن، صحت ڪارڊ رکندڙ ڪو به ملازم 80 لک رپين تائين علاج ڪرائي سگهي ٿو، آبپاشي کاتي جي 62 ھزار ملازمن سميت  سمورن کاتن جي ملازمن کي سنڌ حڪومت پاران صحت ڪارڊ جاري ڪيا وڃن ته جئين سرڪاري ملازم ڪنهن سٺي اسپتال مان علاج ڪرائي سگهن،