نواب شاھه (بيورو رپورٽ) 12 ڏينھن اڳ انٽري ٽيسٽ جي تياري لاءِ ويل خيرپور ناٿن شاهه جي ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي نوجوان محمد افضل لنڊ کي حيدرآباد مان جبري طور کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس امڙ شھزادي خاتون، ڀاءُ محمد وسيم لنڊ، فرحان لنڊ، ڀينرن ثمرين، ملائيڪا، قومي ڪارڪن فقير شبير لغاري، آصف ڌوئنورو، ذيشان سنڌيار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو، هنن چيو ته افضل لنڊ ڳوٺان انٽري ٽيسٽ جي تياري لاءِ حيدرآباد ويو ھو، جتي ھو ايم بي ھاسٽل تي رھندو ھو، جتان کيس کنڀي گم ڪيو ويو، ھنن چيو ته افضل لنڊ ھڪ پڙھيل لکيل نوجوان آھي، مٿس جيڪڏهن ڪو ڪيس آھي ته پاڪستان کي قانون ۽ آئين مطابق عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ھنن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.