شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز اسپتال جي احاطي مان 45 ورهين جي اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ آيو، اسپتال ۾ آيل مريضن پارڪنگ واري هنڌ تي پيل لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پهچي مڙھ تحويل ۾ وٺي سڃاڻپ لاءِ مرده خاني ۾ رکرايو، پوليس موجب فوتي موالي لڳي رهيو آهي، ٿي سگهي ٿو گهڻو نشو واپرائڻ سبب فوت ٿيو هجي.