سامارو (ن پ ا) سامارو ۾ پٿورو روڊ وٽ ويٺل سوين برسات متاثرن يوسي چيئرمين نصير ڌونڪائي ۽ خميسو چوھاڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري روڊ بند ٿي ويو، احتجاج ڪندڙن چيو ته مختيارڪار ۽ تپيدار متاثرن بدران من پسند ماڻھن کي راشن ڏئي رهيا آهن، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي، هنن چيو ته برساتي پاڻي نيڪال ۾ به  ڪامورا رڪاوٽون وجهي رهيا آهن، جنهن ڪري اڃا تائين 5 کان 10 فوٽ پاڻي بيٺل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته علائقي مان پاڻي ڪڍرائي سهائتا ڪئي وڃي.