شيخ ڀرڪيو/ ٽنڊو محمد خان (نمائندن وٽان) ٽنڊو محمد خان جي سماجي ورڪر رضيه سهتو تي ڳوٺ خالق ڏنو سهتو ۾ شرپسند ماڻهن حملو ڪري گاڏي جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، رضيه سهتو جي رڙين تي پاڙي وارن پهچي کيس بچائي ورتو، اطلاع تي پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي وئي، جنهن بعد سماجي اڳواڻ شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي پهچي 5 ڄڻن خلاف رپورٽ داخل ڪرائي، ان  موقعي تي رضيه سهتو ٻڌايو ته آئون پنهنجي ڳوٺ پهتس ته برادري جي ماڻھن لٺين سان حملو ڪري ڏنو، جنهن سبب ڪار جا شيشا ٽٽي پيا، هن چيو ته پاڙيوارن پهچي بچايو آهي، هن چيو ته منهنجي انهن سان ڪابه ذاتي دشمني ناهي، سازش تحت حملو ڪيو ويو.