اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙي ويجهو ڄام ڀنڀو خان ڏهر جي وفات بعد ملڪيت تان تڪرار ۽ 4 ڏينهن اڳ هڪ ڌر جي پراڻي ملازم جي قتل بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، هڪ ٻئي خلاف مظاهرا. ان سلسلي ۾ اوٻاوڙي ويجهو چار ڏينھن اڳ جائيداد تي ٿيل جهڙي ۾ قتل ٿي ويل علي حسن سپيو ۽ زخمي مغل عرف پپو سپيو جي وارثن منور علي سپيو، شهزادو، عبدالمجيد، اڪبر، غلام محمد سپيو ۽ مقتول علي حسن سپيو جي ٻارڙن جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. مظاهرين قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ۽ سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين جو چوڻ هو ته اوٻاوڙو پوليس قتل ڪيس جي مک جوابدار ڄام گوگي ڏهر، ابرار خان ڏهر، صابر پنهور ۽ ٻين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او اوٻاوڙو جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهن. ڄام گوگي ڏهر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هو وڌيڪ رتوڇاڻ ڪرائڻ چاهي ٿو. هنن پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان علي حسن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ مقتول ڌر جي وارثن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن اوٻاوڙو ۾ عبدالڪريم ڏهر جي گهرڀاتين ۽ عزيزن پاڪ ڪتاب کڻي اي ڊي ڏهر، مسمات رشيدان، مسمات اقصيٰ ۽ ٻين احتجاجي مظاهري بعد دانهيندي چيو ته عبدالڪريم ڏهر کي قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي. هنن جو چوڻ هو ته سپيا ڌر جي 20 کان 25 ڏنڊا بردارن وچ شهر ۾ اسان جي گهر اندر داخل ٿي عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد ڪيو ۽ گهرن مان ڦرلٽ ڪئي وئي. گهرڀاتين جي رڙين ڪوڪن تي به اوٻاوڙو پوليس نه پهتي. مظاهرين موجب عبدالڪريم ڏهر کي سياسي بنيادن تي قتل ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي، جيڪڏهن عبدالڪريم ڏهر جي گهر ڀاتي کي ڪجهه ٿيو ته ان جا ذميوار سپيا ڌر۽ ڄام نويد هوندا.