ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي فاسٽ بالر جنيد خان فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ۽ آل رائونڊر شاداب خان جي انگلش ليگ ٽي 20 بلاسٽ کيڏڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته پي سي بي کي ٽيم جي سينئر رانديگرن کي وڌيڪ احتياط سان هينڊل ڪرڻ گهرجي ڇو ته هي ورلڊ ڪپ جو سال آهي ۽ هن وقت انهن کي ٽاپ ڪنڊيشنز ۾ هجڻ گهرجي. هن پنهنجي يو ٽيوب چينل تي چيو ته بهتر هجي ها ته بورڊ شاهين کي انگلش ليگ کيڏڻ جي اجازت نه ڏئي ها. هن چيو ته ليگ ۾ شاهين جي ضرورت نه آهي هو پاڪستان جي ٽيم جو ڪرنگهو آهي پي سي بي طرفان ٽئي فارميٽ کيڏندو آهي تازو ئي انجري مان واپس آيو آهي ٻن ميچن ۾ کيس تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئي. هن چيو ته شاداب به فٽنس مسئلن جو شڪار آهي ان کي به نه ڇڏڻ گهرجي ها. هن چيو ته انگلينڊ ۾ ليگ اسپنر اساما مير ۽ فاسٽ بالر زمان خان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي.