ڪوالالمپور(اسپورٽس نيوز) جونيئر ايشيا هاڪي ڪپ کيڏندڙ پاڪستان جي هاڪي ٽيم مالي مشڪلاتن جو شڪار آهي. پاڪستان کي فائنل ڀارت جي ٽيم خلاف کيڏڻو آهي پر ٽيم کي اڃا تائين ڊيلي الائونس نه مليو آهي. رانديگرن ۽ آفيشلز کي روز 100 ڊالر ملڻا هئا پر فنڊن جي کوٽ جي ڪري ائين نه ٿي سگهيو. ٽيم کي اماڻڻ کان اڳ پي ايچ ايف پاڪستان اسپورٽس بورڊ کي درخواست ڪئي هئي پر ان تي ڪو عمل نه ٿي سگهيو آهي. رانديگرن جي ٽڪيٽ ۽ رهائش جا خرچ به هاڪي فيڊريشن ادا ڪيا.