سڪرنڊ (ن پ ا) سنڌ جي موجودهه صورتحال جي حوالي ۽ سڪرنڊ شھر ۾ بد امني، منشيات ۽ ٻين مسئلن جي حوالي سان آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مرحليوار تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو ويو، سڪرنڊ بھتري ڪاميٽي اڳواڻ غلام نبي چوھاڻ ۽ رضا  محمد چانڊيو جي ميزباني ھيٺ ٿيل اي پي سي ۾ مختلف اڳواڻن شرڪت ڪئي، ناليواري اديب صديق منگيو خطاب ڪندي چيو ته اجتماعي سوچ نڪري وئي آھي، ماڻھو نه پر نظريو وڙھندو آھي، رضا چانڊيو چيو ته جيڪي نظرين تي ھليا اھي ڦاھي تي چڙھيا يا گولين جو کاڄ ٿي ويا، اھو طئي ٿيل آھي ته سنڌ حڪومت پ پ کي ملندي ان لاءِ اڪثريت سنڌ جي وڏيري جي گڏ آھي، غلام نبي چوھاڻ چيو ته سائين جي ايم سيد خانداني سياست بجاءِ آريسر کي چيئرمين مقرر ڪيو، اڄ سياسي پارٽين جا اڳواڻ پنھنجي اولاد کي پارٽي جون واڳون حوالي ڪري رهيا آهن، عبدالمالڪ نوناري چيو ته قومپرست پارلياماني پارٽي جي سياست ڪن ھا ته اڄ سنڌ جي صورتحال ٻي ھجي ھا، ان موقعي تي مورڙيو ميربحر، خيرمحمد چنا ۽ ٻين به خطاب ڪيو.