حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه چيو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير عمران نيازي جو پٽيوالو آهي ۽ اهو ئي پنجاب جا انتظامي معاملا سنڀالي ٿو. نيازي تي حملي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ به سندس ذميواري هئي پر ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ گورنر هائوس تي حملو ڪيو ويو جيڪو افسوسناڪ عمل آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته جتي عمران نيازي تي حملو ٿيو، رستي ۾ ڪيتريون ئي سٺيون اسپتالون موجود هيون پرعمران نيازي انهن سمورين اسپتالن کي ڇڏي شوڪت خانم اسپتال جيڪا ڪينسر جي اسپتال آهي اتي پنهنجو علاج ڪرايو جنهن پوري عمل کي شڪي بڻائي ڇڏيو آهي. عاجز ڌامراهه چيو ته  پي ٽي آءِ وارن پاران بلاول هائوس تي حملي جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ان لاءِ کين جيالا ٻڌائڻ چاهين ٿا ته هو ڀلي حملو ڪرڻ اچن، پوءِ کين خبر پوندي ته جيالن ۾ ڪيترو دم آهي ڇاڪاڻ ته سندن حملو پي ٽي آءِ جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. هن چيو ته عمران خان جي سياست ڪوڙ سان شروع  ٿي جيڪا شر ۽ فساد تي ختم ٿئي ٿي. سندس لانگ مارچ  مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي. عمران خان جي ادارن خلاف شر انگيزي، بندش پيل فارن فنڊنگ جو ئي نتيجو آهي ڇاڪاڻ ته هن اقتدار خاطر ملڪ ۽ قوم کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي کيس ملڪ ۽ قوم جو فڪر ناهي. هو رڳو پنهنجي آقائن کي خوش ڪري پاڪستان کي سياسي ۽ معاشي طور تي غير مستحڪم ڪرڻ گهري ٿو.