سکر(بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ جي صدارت  هيٺ محرم الحرام دوران امن امان يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجاڻي، ڊي آئي جي سکر، ضلعي سکر، خيرپور، گهوٽڪي جي ايس ايس پيز، پوليس آفيسرن ۽ شيعا تنظيمن جي عالمن شرڪت ڪئي. ان ڏس ۾ ڊي آءِ جي سکر جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته محرم الحرام جي حوالي سان آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سکر رينج اجلاس جي وڊيو لنڪ ذريعي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ڊي آءِ جي سکر جاويد سونهارو جسڪاڻي، ايس پي سکر سنگھار ملڪ، ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو، ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال، لاڳاپيل پوليس آفيسرن ۽ اهل تشيع جي عالمن، ذاڪرن ۽ ماتمي جلوسن جي آرگنائيزرز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بعد مشورا ڏنا ويا. اجلاس ۾ شيعا عالمن ماتمي جلوسن، مجلسن، امام بارگاهن جي بهتر سيڪيورٽي متعلق تجويزون ڏنيون ۽ پوليس توڙي لاڳاپيل ادارن سان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. اجلاس دوران آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڊي آءِ جي سکر کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران سيڪيورٽي انتظامن لاءِ رينجرس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي به مدد حاصل ڪئي وڃي.