سڙي زخمي ٿيل ڊي سي سائوٿ ۽ ساٿي آفيسر جي دبئي منتقلي لاءِ 30 هزار ڊالر جاري ڪيا ويا

0
224
سڙي زخمي ٿيل ڊي سي سائوٿ ۽ ساٿي آفيسر جي دبئي منتقلي
سڙي زخمي ٿيل ڊي سي سائوٿ ۽ ساٿي آفيسر جي دبئي منتقلي لاءِ 30 هزار ڊالر جاري ڪيا ويا

ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ۽ سندس ساٿي سرڪاري آفيسر جي دبئي لاءِ اڏام جي خرچ لاءِ 30 هزار ڊالر جاري ڪيا ويا

ناڻي کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ناڻي کاتي مالي سال 23-2022 جي بجيٽ مان رقم جاري ڪري ڇڏي آهي، ٻنهي آفيسرن کي ايئر ايمبولينس ۾ دبئي منتقل ڪرڻ تي 65 لک رپيا خرچ اچي رهيا آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي ڪمشنر عبدالستار عيساڻي ۽ مقصود جهانگير کي فوري طور ڪراچي کان دبئي منتقل ڪيو پيو وڃي. ٻن سرڪاري آفيسرن علي الصباح کي 15 جولاءِ تي ڪلفٽن ۾ سندن گهر ۾ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو، جنهن جو ڪارڻ ظاهر نه ٿي سگهيو هو

ٻنهي اهلڪارن کي ڪلفٽن جي خانگي اسپتال ۾ طبي امداد ڏيڻ بعد گلشن اقبال اسپتال منتقل ڪيو ويو

صحت کاتي جي ذريعن موجب عبدالستار عيساڻي ۽ مقصود جهانگير جو دبئي جي شيخ مخبوت ميڊيڪل سٽي اسپتال ۾ علاج ڪيو ويندو

ايئر ايمبولينس لاءِ جي لاءِ 30 ھزار ڊالرن جي رقم ايئر ڪرافٽ سيلز اينڊ سروسز کي ادا ڪئي پئي وڃي،ميسر اي ايس ايس ايل ٻنهي سرڪاري آفيسرن جي ڪراچي کان دبئي منتقلي جو بندوبست ڪري رهي آهي