حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي تعليمي بورڊ جي انتظام هيٺ اڄ کان نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جو ساليانو امتحان شروع ٿي رهيو آهي. نائين ڪلاس ۾ مجموعي طور 70 هزار 745 ۽ ڏهين ڪلاس ۾ 66 هزار 43 اميدوار امتحان ڏيندا. انهن اميدوارن ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون به شامل آهن. تعليمي بورڊ حيدرآباد جي ڪنٽرولر مسرور زئي مطابق حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن ۾ ٿيندڙ امتحان لاءِ 263 امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جن مان 25 مرڪزن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. حيدرآباد ۾ 8، ڄامشورو ۾ هڪ، مٽياري ۾ 3، ٽندوالهيار ۾ هڪ، ٽنڊو محمد خان ۾ 2، دادو ۾ 3، ٺٽي ۾ 4، سجاول ۾ هڪ ۽ بدين ۾ 2 سينٽر حساس قرار ڏنا ويا آهن. امتحاني مرڪزن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري اتي عام ماڻهن جي گهمڻ ڦرڻ، فوٽو اسٽيٽ مشينن ۽ امتحان دوران دڪانن کي کولڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. ڪنٽرولر مطابق ڏهين ڪلاس جو امتحان 8 مئي کان شروع ٿي 15 مئي تي ختم ٿي ويندو جڏهن ته نائين ڪلاس جو امتحان 16 مئي کان شروع ٿي 23 مئي تائين ختم ٿي ويندو. امتحانن جي نگراني لاءِ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر، سينيئر استادن ۽ بورڊ جي آفيسرن تي مشتمل 23 ويجيلنس ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن. بورڊ ۾ هڪ مانيٽرنگ سيل به قائم ٿيو آهي جڏهن ته امتحاني پرچا سينٽرن تائين پهچائڻ لاءِ بورڊ جي 40 ملازمن کي مقرر ڪيو ويو آهي.

سکر (بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ سکر جي ماتحت نائين ۽ ڏھين جماعت جا امتحان اڄ کان شروع، سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن سان تعلق رکندڙ 30313 نياڻين سميت 99151 اميدوار نائين ۽ ڏھين جي امتحان ۾ حصو وٺندا. ٽنھي صلعن ۾ 190 امتحاني سينٽر قائم، ڪاپي روڪڻ لاءِ 32 ٽيمون جوڙيون ويون. امتحاني سينٽرز جي آس پاس قلم 144 لاڳو، امتحاني سينٽر اندر غير لاڳاپيل ماڻهن، موبائل فون، عورتن وارو پرس يا ڊجيٽل ڊوائسزکڻي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. اڄ نائين جماعت جا شاگرد صبح جو انگلش ۽ ڏھين جماعت جا شاگرد سنڌيءَ جو پيپر ڏيندا. تعليمي بورڊ سکر جي چيئرمين محمد رفيق پلھه مطابق نائين ۽ ڏھين جي امتحانن جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن، اڄ سومر 8 مئي کان نائين ۽ ڏھين جماعت جا امتحان شروع ٿيندا جيڪي 16 مئي تائين جاري رھندا. اڄ صبح جو نائين جماعت جا اميدوار انگريزي ۽ منجھند جو ڏھين جماعت جا اميدوار سنڌيءَ جو پيپر ڏيندا. سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ مجموعي طور تي نائين ۽ ڏھين جماعت جا 99151 اميدوار امتحان ۾ حصو وٺندا، جن مان 52114 نائين ۽ 47037 ڏھين جماعت جا اميدوار شامل آھن، نائين جماعت ۾ 35986 مرد ۽  16128 عورت اميدوار، جڏھن ته ڏھين جماعت ۾ 32852 مرد ۽  14185 عورت اميدوار امتحان ڏينديون، سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ۾ 190 امتحاني سينٽر قائم ڪيا ويا آھن، گھوٽڪي ۾ 40، خيرپور ۾ 97 ۽ سکر ۾ 53 امتحاني سينٽر شامل آھن. جڏھن ته 32 انسپيڪشن ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آھن. ان کان سواءِ چيئرمين بورڊ، سيڪريٽري سميت بورڊ جا آفيسر، ڊائريڪٽر اسڪولز، ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز، ڊي اي او اِن سان گڏ عورتن جون ٽيمون پڻ ھر ضلعي ۾ جوڙيون ويون آھن. جڏھن تہ امتحانن جي ڊيوٽين لاءِ تعليمي بورڊ اسڪولز، ھائر سيڪنڊري اسڪولز جي مرد توڙي عورت استادن کي مقرر ڪيو آھي. ھوڏانھن گھرو وزارت طرفان امتحاني سينٽر جي آس پاس قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آھي، ڪنھن به غير لاڳاپيل ماڻھو جي امتحان حال ۾ انٽري تي پابندي ھوندي.