ڪراچي: صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ سينٽرل، اولهه ۽ ڪياماڙي ضلعن جي مختلف پولنگ اسٽيشنز جا دورا ڪيا،  هن نيو ڪراچي ۾ پولنگ اسٽيشن اندر ٿيل ڇڪتاڻ کي افواھ قرار ڏيندي چيو ته  الحمد الله سمورين پولنگ اسٽيشنن تي چونڊ عمل بهتر انداز ۾ ٿيو آھي، سياسي پارٽين جي ايجنٽن به اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، منهنجي ڄاڻ موجب ڪراچي جي سمورين پولنگ اسٽيشنن تي چونڊ عمل بهتر نموني ٿيو، ھن چيو تھ نيو ڪراچي ۾ اڻ وڻندڙ واقعي جا افواھه  ھئا، جن جي تصديق نه ٿي سگهي آهي، اسان پوليس جي سيڪيورٽي پلان مان مطمئن آھيون.